جيالن والا باغ

جيالن والا باغ

جليانوالا باغ واقعو

جليانوالا باغ واقعو: 1916ع ۾ لکنو معاهدي بعد ٿوري عرصي لاءِ هندستان ۾ هندو مسلم اتحاد پيدا ٿي ويو. پهرين جنگ عظيم هلندي هندستان جي آزادي پسندن ملڪ جي نجات لاءِ خفيه سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون هيون. انگريز حڪمرانن کي اهڙي چرپر تي پريشاني ٿي. جسٽس سڊني کي جانچ ڪري رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو ويو. رولٽ صاحب 30 اپريل 1918ع تي، سرڪار کي سموري ماجرا بابت تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪئي. ان ريت امپيريل ليجسليٽوِ ڪائونسل ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو. هن بِل جي ٽيويهه غير سرڪاري ميمبرن مخالفت ڪئي. ان هوندي به بل پاس ٿي قانون بنجي ويو. ان ائڪٽ (قانون) کي رولٽ ائڪٽ سڏيو ويو. هن قانون موجب حريت پسندن کي ڪچلڻ لاءِ سرڪار کي لامحدود اختيار ملي ويا. مسٽر جناح ۽ گانڌي صاحب سميت اڪثر ليڊرن هن قانون جي سخت مخالفت ڪئي. نتيجي طور سمورو هندستان انگريز سرڪار جي خلاف اٿي کڙو ٿيو.

ان وقت پنجاب جو ليفٽيننٽ گورنر اَوڊائر (O\'Dwyer) هو. پاڻ هند واسين سان سخت نفرت ڪندو هو ۽ بادشاهي ذهنيت جو مالڪ هو. رولٽ ائڪٽ پاس ٿيڻ سان سڄو ملڪ ٻري رهيو هو. هندو ۽ مسلم مت ڀيد کان هٽي ڪري سمورو ملڪ انگريزن خلاف ٿي چڪو هو. اَو ڊائر طئه ڪري ڇڏيو هو ته پنجاب ۾ ڪو به سياسي جلسو يا جلوس ٿيڻ نه ڏيندو. اهڙين حالتن ۾ گانڌي پنجاب وڃڻ جو اعلان ڪيو. صورتحال جو اندازو ڪري حالتن تي ضابطو رکڻ لاءِ، امرتسر ۾ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو ۽ ڊاڪٽر ستيه پال کي گرفتار ڪيو ويو. 09 اپريل 1919ع تي گرفتارين خلاف شهر ۾ عوام جو وڏو هجوم گڏ ٿي ويو. پوليس ڪارروائي ڪئي، نتيجي ۾ عوامي احتجاج ۾ ٻن بينڪن کي ساڙيو ويو ۽ ٻه بينڪ عملدار به مارجي ويا. 10 اپريل تي جنرل اوڊائر (O\'Dwyer) کي جالنڌر مان امرتسر پهچڻ جو حڪم مليو. ڊاير سان 475 انگريز ۽ 710 هندستاني فوجي گڏ هئا. 13 تاريخ تي صبح جو جنرل شهر جو دورو ڪيو ۽ اوڻيهه جاين تي اعلان ڪيو ته امرتسر ۾ ڪو به جلسو يا جلوس ٿيو ته ان کي سختيءَ سان ڪچليو ويندو. شام جو چئين وڳي جنرل کي جليانوالا باغ ۾ سياسي جلسي جو اطلاع مليو. سخت غصي ۾ ڀريل جنرل اوڊاير باغ طرف پيش قدمي ڪئي ۽ عوام تي فائرنگ جو حڪم ڏنو. پنڌرهن منٽن جي فائرنگ ۾ ڪل 379 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1200 زخمي ٿيا.

هن واقعي کان پوءِ پنجاب ۾ مارشل لا جو اعلان ڪيو ويو. اتي جي عوام تي گهڻي سختي ڪئي وئي. هن قتل عام تي خود انگلنڊ جو عوام ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو. هڪ حصي واقعي جي مخالفت ۽ ٻئي حصي حمايت ڪئي. جنرل ڊائر ۽ ليفٽيننٽ گورنر پنجاب جا ظالماڻا قدم، تحريڪ آزاديءَ کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيا. نيٺ انگريزن کي 1947ع ۾ هندستان ڇڏڻو پيو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.00.00  عيسوي

جليانوالا باغ واقعو: 1916ع ۾ لکنو معاهدي بعد ٿوري عرصي لاءِ هندستان ۾ هندو مسلم اتحاد پيدا ٿي ويو .


1919.04.09  عيسوي

09 اپريل 1919ع تي گرفتارين خلاف شهر ۾ عوام جو وڏو هجوم گڏ ٿي ويو. پوليس ڪارروائي ڪئي، نتيجي ۾ عوامي احتجاج ۾ ٻن بينڪن کي ساڙيو ويو



تاريخ ۽ واقعا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاري نگر
عالم الوفود
دروهر راءِ
ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس
روسي انقلاب
جليانوالا باغ واقعو
اڌي سنگهه جهونجهار
ٽنڊو بهاول سانحو
سفيد پٽي مهم
دنيا جا عالمي ڏينهن
تاريخ ۽ واقعا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون